Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ اليشع وفات ڪئي ۽ کيس دفنايو ويو. هر سال بهار جي موسم ۾ موآبين جا ٽولا اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري ايندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اليشع وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي دفن ڪيائون. هاڻي موآبين جي ٽولين سال جي شروعات ۾ ملڪ تي ڪاهہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ ڪنهن اچي يوسف کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو پيءُ بيمار آهي.“ سو هو پنهنجا ٻيئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي يعقوب سان ملڻ ويو.


جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي وصيت ڪري چڪو، تڏهن هن پنهنجيون ٽنگون هنڌ ۾ ڇڪيون ۽ دم ڏنائين. ائين هو وڃي پنهنجن سان گڏيو.


خداوند بابلين، ارامين، موآبين ۽ بني عمون جا ٽولا يهوداہ ملڪ تي موڪليا. خداوند کين انهيءَ لاءِ موڪليو تہ هو يهوداہ کي تباهہ ڪن، جيئن هن پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت اڳ ۾ فرمايو هو.


پر اخي‌اب جي موت کان پوءِ موآب جو بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ کان باغي ٿي ويو.


هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏانهن هي پيغام پڻ موڪليو تہ ”موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي. ڇا تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ هلندس. آءٌ ۽ تون هڪ آهيون ۽ منهنجا ۽ تنهنجا ماڻهو ۽ گھوڙا بہ هڪ آهن.“


اسرائيل وارن سان جھڙپ دوران ارامي لشڪر وارا سندن هڪڙي ننڍي ڇوڪري قيد ڪري وٺي آيا هئا، جيڪا نعمان جي زال جي نوڪرياڻي بڻائي ويئي.


سو بادشاهہ انهن لاءِ هڪڙي وڏي دعوت جو انتظام ڪيو. جڏهن انهن کائي پي ڍءُ ڪيو تڏهن انهن کي موڪل ڏنائين ۽ هو پنهنجي مالڪ ڏانهن موٽي هليا ويا. تنهن کان پوءِ ارامين اسرائيل تي ڪاهہ ڪرڻ ڇڏي ڏني.


کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟


ان کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو انهن جي برائيءَ جي ڪري خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي انهن کان وڌيڪ زور وٺرايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ