Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهن تي خدا جو بندو مٿس ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”تو کي اهي پنج يا ڇهہ ڀيرا زمين تي هڻڻ گھربا هئا، پوءِ تون ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏين ها. پر هاڻي تون ارامين کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ خدا جو مرد هن تي ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو تہ توکي پنج يا ڇهہ ڀيرا ڌڪ هڻڻ گهربو هو؛ پوءِ جيڪر ارام کي اهڙي شڪست ڏين ها، جو اُنهيءَ کي چٽ ڪري ڇڏين ها: پر هاڻي تون ارام کي رڳو ٽي ڀيرا شڪست ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليشع وري کيس چيو تہ ”تير کڻ“ ۽ بادشاهہ اهي کنيا. تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”اهي زمين تي هڻ.“ هن اهي ٽي ڀيرا زمين تي هڻي بس ڪئي.


بن‌هدد جي بادشاهيءَ دوران يهوآس ولد يهوآخز اهي شهر کانئس کسي ورتا جيڪي هن جنگ ۾ سندس پيءُ يهوآخز کان قبضي ڪيا هئا. يهوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني ۽ اسرائيل جا شهر هن کان موٽائي هٿ ڪيائين.


اليشع کيس چيو تہ ”ايندڙ سال هن وقت تنهنجو پٽ تنهنجي جھوليءَ ۾ هوندو.“ تڏهن انهيءَ عورت کيس رڙ ڪري چيو تہ ”نہ، اي منهنجا آقا! توهين خدا جا ٻانها آهيو، پنهنجي هن ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهايو.“


پوءِ اُهو کاڌو سڀني کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو. پر جيئن ئي کائڻ شروع ڪيائون تہ رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا ٻانها! هن ديڳ ۾ تہ زهر آهي.“ سو هنن کاڌو کائڻ ڇڏي ڏنو.


خدا جي ٻانهي اليشع جي خدمتگار جيحازيءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”منهنجي مالڪ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو ۽ جيڪي هن آندو هو سو کانئس نہ ورتائين. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙي وڃي کانئس ڪجھہ نہ ڪجھہ وٺندس.“


تڏهن خدا جي بندي اليشع اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”خبردار ٿج، متان فلاڻي هنڌ تان لنگھين، ڇاڪاڻ تہ ارامي اتي اوهان جو اڳ وٺيو ويٺا آهن.“


هاڻ جيڪو خداوند جي انهيءَ ڪم ۾ غفلت ڪندو سو لعنتي ٿيندو. هائو، جيڪو پنهنجيءَ تلوار کي خون وهائڻ کان روڪيندو سو لعنتي ٿيندو.


پوءِ جڏهن موسيٰ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري ٻڪر جي پڇا‌ڳاڇا ڪئي تہ کيس معلوم ٿيو تہ اهو سڙي چڪو آهي، تڏهن هو هارون جي باقي بچيل پٽن اليعزر ۽ اتمر تي ڏاڍو ڪاوڙيو. کين سختيءَ سان چيائين تہ


تڏهن موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جيڪا قرباني هي آڻين سا تون قبول نہ ڪج. مون تہ انهن کان ڪو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو نقصان رسايو اٿم.“


جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


عيسيٰ اتان جي ماڻهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ