Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:10 - Muslim Sindhi Bible

10 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جي بادشاهيءَ جي ستٽيهين سال ۾ يهوآس ولد يهوآخز اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ سامريہ شهر ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جي ستٽيهين ورهيہ ۾، يهوآس بن يهوآخز سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:10
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“


اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.


يهوداہ جي بادشاهہ يوآس ولد اخزياہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال يهوآخز ولد ييهو اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل سترهن سال بادشاهي ڪئي.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا. هو يربعام ولد نباط جي رستي تي هلندي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.


يهوآخز وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يهوآس سندس جاءِ تي تخت‌نشين ٿيو.


اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جو پٽ امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.


يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ولد يوآس، اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ پندرهن سال جيئرو هو.


اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ