Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس ولد اخزياہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال يهوآخز ولد ييهو اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل سترهن سال بادشاهي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس بن اخزياہ جي ٽيويهين ورهيہ ۾، يهوآخز بن ياهو سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ سترهن ورهيہ بادشاهي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 13:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“


جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ست سال هئي.


پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين.


اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.


جن عملدارن هن کي قتل ڪيو سي يوسڪار ولد سماعت ۽ يهوزبد ولد شومير هئا. سندس لاش کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.


يهوداہ جي بادشاهہ يوآس جي بادشاهيءَ جي ستٽيهين سال ۾ يهوآس ولد يهوآخز اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو ۽ سامريہ شهر ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙا ڪم ڪيا ۽ بادشاهہ يربعام ولد نباط جي گناهن جي پيروي ڪيائين، جنهن سان هن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا. سو هو انهيءَ رستي تي هلندو آيو.


اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


جڏهن اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ٻاويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل هڪ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو جيڪا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي پوٽي ۽ اخي‌اب جي ڌيءَ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ