Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي پيتي کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو سوراخ ڪري هيڪل ۾ قربان‌گاهہ جي ڀرسان ايندڙ ماڻهن جي ساڄي پاسي ۾ رکي ڇڏي. جيڪي ڪاهن دربان مقرر هئا سي هيڪل لاءِ ماڻهن کان ملندڙ پئسا انهيءَ پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي صندوق کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو ٽُنگ ڪري قربانگاهہ جي پاسي ۾ رکي جا خداوند جي گهر ۾ ايندڙ ماڻهوءَ جي سڄي هٿ پاسي هئي: ۽ جيڪي ڪاهن در جي سنڀال ڪندا هئا سي جيڪي بہ پئسا خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا سي سڀ انهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاهنن اها ڳالهہ قبول ڪئي تہ ”اسين اڳتي ماڻهن کان پئسا نہ وٺنداسين ۽ نہ وري پنهنجي سر هيڪل جي مرمت ڪرائينداسين.“


”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.


تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيت‌ايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.


بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.


انهن سان گڏ سندن مائٽن مان ٻئي درجي وارا ڳائڻا هي هئا: زڪرياہ، يعزيئيل، سميراموت، يحيئيل، عني، الياب، بناياہ، معسياہ، متتياہ، الفلهو، مقنياہ ۽ هيڪل جا هي ٻہ دربان عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل.


شبنياہ، يهوسفط، نتني‌ايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.


پوءِ عيسيٰ هيڪل ۾ چندي واري پيتيءَ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻهو اُن پيتيءَ ۾ پئسا وجھن ٿا. هن ڏٺو تہ ڪي دولتمند ان ۾ گھڻا پئسا وجھي رهيا هئا.


عيسيٰ جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا چندا وجھي رهيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ