Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو بادشاهہ يوآس يهويدع ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي گھر جي مرمت ڇو نہ ٿا ڪرايو؟ اڳتي اوهان کي جيڪي پئسا ملن سي پاڻ وٽ نہ رکو، بلڪ هيڪل جي مرمت لاءِ مقرر ڪيل ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيندا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن بادشاهہ يهوآس، يهويدع ڪاهن، ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي چيو تہ اوهين گهر جي مرمت ڇو نٿا ڪرايو؟ تنهنڪري هاڻي اڳتي پنهنجي واقفيت وارن کان پئسا نہ وٺو، پر اُهي گهر جي مرمت لاءِ پهچائي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين.


يوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ڇو تہ يهويدع ڪاهن سندس رهنمائي ڪندو هو.


پر يوآس بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال تائين ڪاهنن هيڪل جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي.


ڪاهنن اها ڳالهہ قبول ڪئي تہ ”اسين اڳتي ماڻهن کان پئسا نہ وٺنداسين ۽ نہ وري پنهنجي سر هيڪل جي مرمت ڪرائينداسين.“


پر يوآب کيس وراڻيو تہ ”شل خداوند تنهنجي لشڪر کي سؤڻو وڌائي. اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڇا اهي سڀ اوهان جا ٻانها ناهن؟ منهنجو آقا بادشاهہ ائين ڇو ٿو ڪرڻ گھري؟ هو بني اسرائيل کي گناهہ منجھہ ڇو ٿو وجھي؟“


پوءِ ستين سال ڪاهن يهويدع همت ڪندي ڪجھہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن لشڪر مان سؤ سؤ جي دستي وارن پنجن سالارن کي پاڻ سان ملايو جيڪي عزرياہ ولد يهورام، اسماعيل ولد يهوحنان، عزرياہ ولد عوبيد، معسياہ ولد عداياہ ۽ اليسافط ولد زڪري هئا. هن کانئن وفاداريءَ لاءِ عهد ورتو.


کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ