Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر يوآس بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال تائين ڪاهنن هيڪل جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر هيئن ٿيو تہ يهوآس بادشاهہ جي ٽيويهين ورهيہ تائين ڪاهنن گهر جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳ‌ٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“


سو بادشاهہ يوآس يهويدع ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي گھر جي مرمت ڇو نہ ٿا ڪرايو؟ اڳتي اوهان کي جيڪي پئسا ملن سي پاڻ وٽ نہ رکو، بلڪ هيڪل جي مرمت لاءِ مقرر ڪيل ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيندا ڪريو.“


انهيءَ لاءِ هن ڪاهنن ۽ لاوين کي سڏائي کين حڪم ڏنو تہ ”اوهين يهوداہ جي شهرن ۾ وڃي سڀني ماڻهن کان هيڪل جي سالياني مرمت لاءِ پئسا گڏ ڪريو. ڏسو، انهيءَ ڪم ۾ اوهين جلدي ڪجو.“ پر لاوين بادشاهہ جي حڪم مطابق جلدي نہ ڪئي.


جيئن تہ ايترن ڪاهنن اڃا پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو جو سڀني ساڙڻ وارين قربانين جون کلون لاهي سگھن، تنهنڪري سندن لاوي مائٽن انهن جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ ۾ ڪاهنن کان وڌيڪ چست هئا. انهن ايستائين سندن مدد ڪئي جيستائين اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو ۽ باقي رهيل ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي نگهباني ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن خدا چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ