Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳ‌ٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اُهي ڀلي تہ ڪاهن پنهنجي پنهنجي واقفيت وارن کان وٺن: ۽ جتي جتي گهر جي مرمت جو ضرور ٿئي اُتي مرمت ڪرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ خلاف هن جي بغاوت جو قصو هن طرح آهي تہ جڏهن سليمان يروشلم جي اوڀر طرف هيٺاهين دڙي جي سنوت پئي ڪرائي ۽ دائود جي شهر جي ڪوٽ جي مرمت پئي ڪرائي،


اوساري ڪرڻ وارن ۽ سنگ تراشن کي. هو ڪاٺ ۽ تراشيل پٿر بہ انهن پئسن مان خريد ڪندا هئا. ٻيو جيڪو ڪجھہ بہ خرچ هيڪل جي مرمت تي لڳندو هو تنهن لاءِ پڻ هو پئسا ڏيندا هئا.


بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


پر يوآس بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال تائين ڪاهنن هيڪل جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي.


”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.


تڏهن بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن، گھراڻن جي وڏن، فوجي سالارن ۽ بادشاهي ڪم ڪار جي نگرانن رضا خوشيءَ سان نذرانا ڏنا.


تڏهن پنهنجي اڳواڻن جي رضامنديءَ سان نذرانا ڏيڻ تي ماڻهن خوشيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي پوريءَ دل ۽ رضا خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ ڏنو. دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


انهيءَ لاءِ هن ڪاهنن ۽ لاوين کي سڏائي کين حڪم ڏنو تہ ”اوهين يهوداہ جي شهرن ۾ وڃي سڀني ماڻهن کان هيڪل جي سالياني مرمت لاءِ پئسا گڏ ڪريو. ڏسو، انهيءَ ڪم ۾ اوهين جلدي ڪجو.“ پر لاوين بادشاهہ جي حڪم مطابق جلدي نہ ڪئي.


جيئن تہ بڇڙي عورت عتلياہ جي ماڻهن هيڪل جي عمارت کي نقصان پهچايو هو ۽ انهيءَ مان گھڻيون ئي وقف ٿيل شيون کڻي وڃي بعل ديوتا جي پوڄا ۾ استعمال ڪيون هئائون.


هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو خاص باس باسي ڪنهن انسان کي مون خداوند جي لاءِ وقف ٿو ڪري تہ انهيءَ انسان جي ڇڏائڻ لاءِ مقرر ڪيل قيمت ادا ڪرڻي پوندي.


هر پهريتو ٻار يا جانور، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند جي لاءِ نذر ڪندا سو تنهنجو ٿيندو. پر تون پهريتن ٻارن لاءِ عيوضو وٺي کين ڇڏي ڏي ۽ ناپاڪ جانور جي پهريتي ڦر لاءِ بہ عيوضو وٺ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ