Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:18 - Muslim Sindhi Bible

18 يهوداہ جي بادشاهہ يوآس اهي سڀ نذرانا جيڪي هن جي ابن ڏاڏن يهوسفط، يهورام ۽ اخزياہ ۽ هن پاڻ خداوند لاءِ وقف ڪيا هئا ۽ جيڪو بہ سون هيڪل ۽ محل جي خزانن ۾ موجود هو سو سڀ هن ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن تحفي طور ڏياري موڪليو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم کي ڇڏي موٽي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوآس اُهي سڀ پاڪ شيون هٿ ڪيون، جي سندن ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن يهوسفط، ۽ يهورام، ۽ اخزياہ وقف ڪيون هيون، ۽ پنهنجون وقف ڪيل شيون بہ، ۽ جيڪو بہ سون خداوند جي گهر، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌو، سو سڀ هٿ ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن ڏياري موڪليائين: پوءِ هو يروشلم مان نڪري هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خداوند جي گھر جا خزانا ۽ بادشاهہ جي گھر جا خزانا لٽي کڻي ويو. هو سڀ ڪجھہ کڻي ويو، جيڪي سون جون ڍالون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ کڻي ويو.


تڏهن هيڪل ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪو سون ۽ چاندي بچيو هو، سو آسا پنهنجي عملدارن جي هٿ ارام جي بادشاهہ بن‌هدد، جيڪو طابرمون جو پٽ ۽ حزيون جو پوٽو هو تنهن ڏانهن دمشق شهر ۾ ڏياري موڪليو. هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ


بادشاهہ يوآس جو باقي احوال ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.


بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


اتان يهوآس خداوند جي گھر جو سون، چاندي ۽ سمورو سامان ۽ بادشاهي محل جو سمورو خزانو کڻي سامريہ شهر ۾ موٽي آيو. اتان هو ڪجھہ ماڻهو بہ قيدي بڻائي وٺي آيو.


آخز خداوند جي گھر مان ۽ شاهي محل جي خزانن مان سون ۽ چاندي تحفي طور اشور جي شهنشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.


تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“


تڏهن بادشاهہ آسا خداوند جي گھر مان ۽ پنهنجي محل جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بن‌هدد ڏانهن ڏياري موڪليو، جيڪو دمشق شهر مان راڄ ڪندو هو.


يهويدع جي وفات کان پوءِ يهوداہ جي اڳواڻن اچي بادشاهہ يوآس کي ريجھايو ۽ هو سندن ڳالهين تي هلڻ لڳو.


اوهين منهنجو سون چاندي کڻي ويا آهيو ۽ منهنجيون عمديون شيون کڻي وڃي پنهنجي پوڄا گھرن ۾ رکيون اٿوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ