Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 12:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن ڏٺو تہ صندوق ۾ گهڻا پئسا ٿيا آهن تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن آيا، ۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ڏٺائون سي ڳڻي ڳوٿرين ۾ وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 12:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهن هئا.


صدوق ولد اخيطوب ۽ اخيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا ۽ شراياہ شاهي محرر هو.


تنهن کان پوءِ اهي ڳڻيل پئسا هيڪل ۾ ڪم جي نگراني ڪندڙن کي ڏنا ويندا هئا. هو وري اهي ڪم ڪندڙن کي ڏيندا هئا، يعني واڍن، رازن،


هن محل جي منتظم الياقيم، شبناہ شاهي محرر ۽ وڏن ڪاهنن کي کٿا ڍڪائي آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليو.


پوءِ هن سردار ڪاهن خلقياہ، اخيقام ولد سافن، عڪبور ولد ميڪاياہ، شاهي محرر سافن ۽ پنهنجي خدمتگار عساياہ کي هي حڪم ڏنو تہ


تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيت‌ايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.


نعمان وراڻيس تہ ”مهرباني ڪري ستر ڪلوگرام چانديءَ جا کڻي وڃ.“ هن جيحازيءَ تي زور ڀريو ۽ ستر ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ٻن ڳوٿرن ۾ وڌائين. هن اهي پنهنجي ٻن نوڪرن کي ڏنا ۽ اُهي جيحازيءَ جي اڳيان کڻي هليا.


سلوم ولد قوري ولد ابي‌آسف ۽ سندس گھراڻي بني قورح جا ٻيا دربان هيڪل جي دروازن جي نظرداري ڪندا هئا، جهڙيءَ طرح سندن وڏا خداوند جي مقدس خيمي جا دربان هوندا هئا.


پوءِ جڏهن اها پيتي لاوين جي هٿان بادشاهہ جي مقرر عملدارن وٽ آندي ويئي تڏهن هنن ڏٺو تہ انهيءَ ۾ تمام گھڻا پئسا پيل هئا. سو بادشاهہ جي محرر ۽ سردار ڪاهن جي مددگار اندر اچي اها پيتي خالي ڪئي. پوءِ اها وري کڻي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح اهي اڪثر ائين ڪندا رهيا ۽ تمام گھڻي رقم گڏ ڪيائون.


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ