Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 11:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃجو. جيڪو بہ اوهان جي قطارن جي ويجھو اچي تنهن کي ماري ڇڏجو. بادشاهہ ڪيڏانهن بہ وڃي تہ اوهين ساڻس گڏ رهجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃو؛ پوءِ جيڪو قطارن جي اندر گهڙي اچي تنهن کي ماري ڇڏجو: ۽ جڏهن بادشاهہ ٻاهر وڃي يا اندر اچي، تڏهن ساڻس رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 11:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهويدع ڪاهن سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن عورت کي گهلي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ هن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“ جيئن تہ ڪاهن کين اهو بہ حڪم ڏنو هو تہ هو کيس خداوند جي هيڪل ۾ قتل نہ ڪن،


اوهان جا ٻہ ٽولا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تان لهي وڃن سي هيڪل ۾ بادشاهہ يوآس جي حفاظت لاءِ پهرو ڏين.


لاوي بادشاهہ جي چوگرد محافظ ٿي هلن ۽ سڀني کي پنهنجا هٿيار هٿن ۾ هجن. ائين اهي بادشاهہ سان هر وقت گڏ رهن. جيڪو بہ هيڪل ۾ اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪري تنهن کي قتل ڪيو وڃي.“


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي‌واڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربان‌گاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.


”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر،


جيڪو جنگ تي وڃڻ وقت ۽ موٽي اچڻ وقت هنن جي اڳيان هلي ۽ سندن اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ سندن رهنمائي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ