2.بادشاهَہ 11:4 - Muslim Sindhi Bible4 پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ۽ ستين ورهيہ ۾ يهويدع ڪاهن، ۽ پهري وارن مان سوَن جي سردارن کي گهرائي پاڻ وٽ خدا جي گهر ۾ آندو؛ ۽ انهن سان عهدنامو ڪيائين، ۽ خداوند جي گهر ۾ هنن کان قسم کڻايائين، ۽ پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ ڏيکاريائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.