پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ يهوسبع، جيڪا اخزياہ جي ڀيڻ هئي تنهن اخزياہ جي پٽ يوآس کي بچائي ورتو، جيڪو بادشاهہ جي ٻئي اولاد سان گڏ قتل ٿيڻ وارو هو. هن يوآس ۽ سندس دائيءَ کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي وڃي لڪائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو مرڻ کان بچي ويو.
پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين.
اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.
جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو جديدہ هو، جيڪا بصقت شهر واري عداياہ جي ڌيءَ هئي.