Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهن بعد يهويدع، سالار، شاهي محافظ، محل جا پهريدار ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو بادشاهہ يوآس سان گڏجي هيڪل کان محل تائين آيا. بادشاهہ کي محافظن واري دروازي کان اندر آندو ويو ۽ هو اچي شاهي تخت تي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ هو سوَن جي سردارن، ۽ ڪارين، ۽ پهري وارن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي وٺي ويو؛ ۽ هنن بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو ۽ پهري وارن جي دروازي واري رستي کان بادشاهہ جي گهر تائين آيا. پوءِ هو بادشاهن جي تخت تي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 11:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وچ ۾ مديانين يوسف کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو فرعون جي عملدارن مان هو ۽ پهريدار سپاهين جو سالار هو.


تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ ’قبلا سائين! ڇا اوهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو تہ منهنجو پٽ سليمان اوهان کان پوءِ ضرور بادشاهي ڪندو ۽ اوهان جي تخت تي ويهندو؟ تہ پوءِ ادونياہ ڇو بادشاهہ بڻجي ويٺو آهي؟‘


تڏهن بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون ڍالون ٺهرايون ۽ جيڪي سپاهي سندس شاهي محل تي پهرو ڏيندا هئا تن جي سالارن کي اهي ڏيئي ڇڏيائين.


سو سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ٿي ويٺو. هو بخت ۾ وڌندو ويو ۽ سڄو بني اسرائيل سندس فرمانبردار ٿيو.


هن هيڪل جي دروازن تي دربان مقرر ڪيا، تہ جيئن اهي ڪنهن بہ طرح ناپاڪ ماڻهن کي اندر لنگھڻ نہ ڏين.


پوءِ يهويدع سالارن، اميرن، عملدارن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي ساڻ ڪري جلوس جي صورت ۾ بادشاهہ کي هيڪل کان سندس محل ڏانهن وٺي هليو. هو مکيہ دروازي کان بادشاهہ جي محل ۾ آيا ۽ اتي کيس سندس تخت تي ويهاريو ويو.


هڪ حصو شاهي محل جي سنڀال ڪري ۽ باقي هڪ حصو هيڪل جي بنياد نالي دروازي تي بيٺل رهي. ٻيا سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهن.


تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي ۽ هي شهر هميشہ لاءِ آباد رهندو. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن سميت هن شهر جي دروازن مان پيا لنگھندا. هائو، اهي پنهنجن عملدارن سميت جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي همراهيءَ ۾ شهر ۾ پيا ايندا ويندا.


خداوند جو فرمان آهي تہ ”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن، ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو. هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو، نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو دائود جو جاءِ‌نشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“


جيڪڏهن اوهين هنن حڪمن تي عمل ڪندا، تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن ۽ رعيت سان گڏ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي هن محل جي درن مان پيا لنگھندا.


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ