2.بادشاهَہ 11:18 - Muslim Sindhi Bible18 تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربانگاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربانگاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن هنن ساڙڻ واريون قربانيون ڪري بس ڪئي، تڏهن ييهوءَ پنهنجي پهريدارن ۽ سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اندر گھڙي وڃي سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ بچي نڪرڻ نہ ڏيو.“ سو هو اندر گھڙي ويا ۽ انهن کي تلوارن سان ماري ڇڏيائون. پوءِ پهريدارن ۽ سالارن انهن جي لاشن کي گهلي ٻاهر اڇلايو ۽ بعل جي پوڄا گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويا.
هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.
انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.