Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 11:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ دستور موجب ٿنڀي جي پاسي ۾ بيٺو هو. سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا هئا. سڀيئي ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ شرنايون پيا وڄائين. تڏهن عتلياہ جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ نهاري ڏٺائين تہ بادشاهہ دستور موجب ٿنڀ جي پاسي ۾ بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ دغا، دغا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 11:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن روبن موٽي کوهہ وٽ آيو ۽ جيئن جو ڏٺائين تہ يوسف تہ منجھس آهي ئي ڪونہ! تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


تنهن تي هنن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. پوءِ سڀيئي پنهنجا گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيا.


ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ابي‌ياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘


يهويدع ڪاهن سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن عورت کي گهلي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ هن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“ جيئن تہ ڪاهن کين اهو بہ حڪم ڏنو هو تہ هو کيس خداوند جي هيڪل ۾ قتل نہ ڪن،


پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.


تڏهن انهن مان هر هڪ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي چادر لاهي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇائي. پوءِ هنن نفيلون وڄائي وڏي واڪي چيو تہ ”ييهو بادشاهہ آهي.“


تڏهن يورام پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندي اخزياہ کي چيو تہ ”اخزياہ! بغاوت ٿي ويئي آهي!“


ويجھن قبيلن کان علاوہ ڏورانهن قبيلن اِسڪار، زبولون ۽ نفتاليءَ کان وٺي ماڻهن گڏهہ، اٺ، خچر ۽ ڍڳا پئي آندا جيڪي کاڌ خوراڪ جي شين يعني مانين، ميدي مان ٺهيل شين، انجير، ڪشمش، مئي، زيتون جي تيل سان لڏيل هئا. انهن چوپايو مال ۽ رڍون ٻڪريون بہ آنديون. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ پئي ڪيو ويو جو بني اسرائيل ۾ خوشي هئي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد ڪيو تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي دل وَ جان سان مڃينداسين، يعني جيڪي عهد واريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس شاگردن جو سڄو ميڙ عيسيٰ جي معجزن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ جا نعرا هڻڻ لڳو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ