Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 11:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سڀيئي پهري وارا پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي هيڪل جي اڳيان جتي قربان‌گاهہ آهي، ساڄي پاسي کان وٺي کاٻي پاسي تائين بادشاهہ جي حفاظت لاءِ چوڌاري بيهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ پهري وارا سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي، گهر جي سڄي پاسي کان وٺي کٻي پاسي تائين، ۽ قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي سان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري بيهي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 11:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڪاهن انهن سالارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ ڍالون آڻي ڏنيون جيڪي خداوند جي گھر ۾ رکيون هيون.


تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃجو. جيڪو بہ اوهان جي قطارن جي ويجھو اچي تنهن کي ماري ڇڏجو. بادشاهہ ڪيڏانهن بہ وڃي تہ اوهين ساڻس گڏ رهجو.“


سليمان پتل جو هڪڙو منبر ٺهرايو هو، جيڪو هيڪل جي ٻاهرئين اڱڻ جي وچ ۾ قربان‌گاهہ جي اڳيان رکيل هو. اهو سوا ٻہ ميٽر ڊگھو، سوا ٻہ ميٽر ويڪرو ۽ سوا ميٽر اوچو هو. سليمان ان منبر تي چڙهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجا گوڏا کوڙي آسمان ڏانهن هٿ کنيا


مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ رکائج.


پوءِ هو مون کي پنهنجي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. ڇا ڏسان تہ اتي خداوند جي هيڪل جي دروازي وٽ، ورانڊي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا آهن، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏانهن هيون ۽ سندن منهن اوڀر طرف هئا. اهڙيءَ طرح هنن اڀرندڙ سج جي پوڄا ٿي ڪئي.


اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“


انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ