Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 11:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ منهنجو پٽ مري ويو آهي، تڏهن هن اُٿي شاهي نسل جا سڀ ماڻهو ماري چٽ ڪري ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 11:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ وٺندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو.


جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.


سو هاڻ اچ تہ آءٌ تو کي صلاح ڏيان تہ جيئن تنهنجي ۽ تنهنجي پٽ سليمان جي زندگي بچي سگھي.


بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.


ييهوءَ سامريہ ۾ رهي اسرائيل تي اٽڪل اٺاويهہ سال بادشاهي ڪئي.


سو جڏهن اهو خط کين مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي اولاد مان ستر ئي ڄڻن جون سسيون لاهي ڇڏيون. هنن اهي سسيون ٽوڪرين ۾ وجھي ييهوءَ ڏانهن يزرعيل شهر ۾ ڏياري موڪليون.


اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.


پر انهيءَ ئي سال ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع، جيڪو شاهي نسل مان هو، سو ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو ۽ جِدلياہ کي مارائي ڇڏيائين ۽ جيڪي يهوداہ ۽ بابل وارا جِدلياہ سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ مارائي ڇڏيائين.


جڏهن اخزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ٻاويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل هڪ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو عتلياہ هو جيڪا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي پوٽي ۽ اخي‌اب جي ڌيءَ هئي.


جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.


جيئن تہ بڇڙي عورت عتلياہ جي ماڻهن هيڪل جي عمارت کي نقصان پهچايو هو ۽ انهيءَ مان گھڻيون ئي وقف ٿيل شيون کڻي وڃي بعل ديوتا جي پوڄا ۾ استعمال ڪيون هئائون.


پر انهيءَ سال جي ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع جيڪو شاهي نسل جو هو ۽ بادشاهہ جي عملدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جِدلياہ ولد اخيقام وٽ مصفاہ شهر ۾ آيو. جِدلياہ جي دعوت تي جڏهن اهي سڀ ساڻس گڏ ماني کائي رهيا هئا،


جڏهن اُهي هليا ويا تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گھر ويو ۽ پنهنجي ماٽيلن ڀائرن يعني جِدعون جي ستر ئي پٽن کي هڪڙي ئي پٿر تي ڪٺائين. پر جِدعون جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام بچي ويو، ڇاڪاڻ تہ هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ