Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ٻئي ڏينهن صبح جو ييهو شهر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن نڪري ويو. هو اتي بيهي موجود ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين بي‌گناهہ آهيو. مون پنهنجي مالڪ يورام جي خلاف سٽ سٽي ۽ ان کي ماريم، پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هو ٻاهر نڪري ويو ۽ اُتي بيهي سڀني ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ اوهين سڀ نيڪ آهيو: ڏسو، مون پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف منصوبو ڪيو ۽ اُنهيءَ کي ڪُٺم: پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،


جڏهن ييهوءَ کي ٻڌايو ويو تہ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد جون سسيون آنديون ويون آهن، تڏهن ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”اهي سسيون شهر جي ٻاهرئين دروازي وٽ ٻہ ڍڳڙيون ڪري صبح تائين رکي ڇڏيو.“


جن عملدارن هن کي قتل ڪيو سي يوسڪار ولد سماعت ۽ يهوزبد ولد شومير هئا. سندس لاش کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.


تڏهن منهنجي محبوب چيو تہ ”ٻڌو، اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ۽ انگورن جي باغ جي وچ ۾ اوهين ئي فيصلو ڪريو.


تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس.


اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ