Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو جڏهن اهو خط کين مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي اولاد مان ستر ئي ڄڻن جون سسيون لاهي ڇڏيون. هنن اهي سسيون ٽوڪرين ۾ وجھي ييهوءَ ڏانهن يزرعيل شهر ۾ ڏياري موڪليون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اهو خط هنن ماڻهن کي مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي پٽن کي جهلي، ستر ئي ڄڻن کي قتل ڪيو، ۽ اُنهن جون سسيون ٽوڪريءَ ۾ وجهي يزرعيل ۾ ڏياري موڪليائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“


سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجي گھراڻي کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي نرينہ اولاد جو خاتمو آڻيندس، پوءِ اها آزاد هجي يا غلام.


تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،


جڏهن ييهوءَ کي ٻڌايو ويو تہ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد جون سسيون آنديون ويون آهن، تڏهن ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”اهي سسيون شهر جي ٻاهرئين دروازي وٽ ٻہ ڍڳڙيون ڪري صبح تائين رکي ڇڏيو.“


ٻئي ڏينهن صبح جو ييهو شهر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن نڪري ويو. هو اتي بيهي موجود ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين بي‌گناهہ آهيو. مون پنهنجي مالڪ يورام جي خلاف سٽ سٽي ۽ ان کي ماريم، پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟


جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.


هاڻي يهورام جڏهن پنهنجي پيءُ جي بادشاهت حاصل ڪري پاڻ کي مضبوط ڪيو، تڏهن هن ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ پنهنجي سڀني ڀائرن کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ