Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن هن ٻيو ڀيرو هڪڙو خط هنن ڏانهن لکيو ۽ چيائين تہ جي اوهين منهنجي طرف ٿيڻ گهرو ۽ منهنجي ڳالهہ مڃو، تہ اهي سڀ ماڻهو، جي اوهان جي ڌڻيءَ جا پٽ آهن تن جون سسيون لاهي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀاڻي هن وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل ۾ اچو. هاڻي بادشاهہ جا پٽ جي ستر ڄڻا هئا، سي شهر جي وڏن ماڻهن وٽ هئا، جن هنن کي پالي وڏو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“


سو جڏهن اهو خط کين مليو تڏهن هنن بادشاهہ جي اولاد مان ستر ئي ڄڻن جون سسيون لاهي ڇڏيون. هنن اهي سسيون ٽوڪرين ۾ وجھي ييهوءَ ڏانهن يزرعيل شهر ۾ ڏياري موڪليون.


ٻئي ڏينهن صبح جو ييهو شهر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن نڪري ويو. هو اتي بيهي موجود ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”اوهين بي‌گناهہ آهيو. مون پنهنجي مالڪ يورام جي خلاف سٽ سٽي ۽ ان کي ماريم، پر هنن سڀني کي ڪنهن ماريو؟


ييهوءَ دريءَ ڏانهن نهاري هڪل ڪري چيو تہ ”منهنجي پاسي ڪير ڪير آهي؟“ تڏهن ٻہ يا ٽي محلاتي خواجہ‌سرا هن ڏانهن دريءَ مان نهارڻ لڳا.


ان جي جواب ۾ اوهين چئو ٿا تہ ’خدا انهن بدڪارن جي گناهن جي سزا سندن اولاد کي ٿو ڏئي.‘ نہ، ائين نہ ٿيڻ گھرجي، بلڪ خدا سندن گناهن جي سزا کين پاڻ کي ئي ڏئي تہ خبر پوين.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“


جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.


پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ