Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو پنهنجين چيلهِن سان کٿا ويڙهي ۽ ڳچين ۾ ڳارا وجھي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”اوهان جو ٻانهو بن‌هدد عرض ڪري چوي ٿو تہ ’مهرباني ڪري مون کي جيئدان ڏيو.‘“ اخي‌اب بادشاهہ وراڻيو تہ ”ڇا هو اڃان جيئرو آهي؟ ٺيڪ آهي، هينئر هو منهنجو ڀاءُ آهي.“


اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏياري موڪليس تہ ”اي بادشاهہ، منهنجا آقا! جيئن اوهان جو حڪم، آءٌ ۽ جيڪي ڪجھہ مون وٽ آهي سو سڀ اوهان جو آهي.“


تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،


سو بادشاهہ حزقياہ اشور جي شهنشاهہ ڏانهن جيڪو لڪيس شهر ۾ هو پيغام موڪليو تہ ”مون قصور ڪيو آهي. اوهين مهرباني ڪري مون وٽان موٽي وڃو ۽ جيڪو بہ تاوان اوهين مون تي رکندا سو آءٌ ڏيندس.“ تڏهن اشور جي شهنشاهہ کانئس ڏهہ هزار ڪلوگرام چاندي ۽ هڪ هزار ڪلوگرام سون گھريو.


اوهين انهن ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، بلڪ بابل جي بادشاهہ جي تابعداري ڪريو تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڀلا ڇو هي شهر مٽيءَ جو ڍير ٿي وڃي؟


ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


سو اسان جي اڳواڻن ۽ اسان جي ملڪ جي سڀني رهاڪن اسان کي چيو تہ ’اوهين سفر جي لاءِ سمر کڻي وڃي هنن سان ملو ۽ کين ٻڌايو تہ اسين سندن ٻانها آهيون، تنهنڪري هو اسان سان سلامتيءَ وارو عهد ڪن.‘“


تڏهن هنن يشوع کي چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون.“ تنهن تي يشوع کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ