2.بادشاهَہ 10:4 - Muslim Sindhi Bible4 پر سامريہ شهر وارا ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏهن تہ ٻہ بادشاهہ يورام ۽ اخزياہ هن کي منهن نہ ڏيئي سگھيا تہ پوءِ اسين ڪيئن هن سان وڙهنداسون؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 پر هو ڏاڍو ڊنا ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اهي ٻئي بادشاهہ هن جي اڳيان بيهي نہ سگهيا، تڏهن اسين ڪيئن بيهي سگهنداسين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“