Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:27 - Muslim Sindhi Bible

27 سو هنن بعل جو ٿنڀي جيان ٺهيل بت تباهہ ڪري ڇڏيو ۽ پوڄا گھر بہ ڊاهي ڇڏيائون. سو اڄ ڏينهن تائين ماڻهو ان کي پائخاني طور استعمال ڪندا ٿا اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ هنن بعل جو ٿنڀ ڀڃي ڇڏيو، ۽ بعل جو گهر بہ ڊاهي ڇڏيائون، ۽ انهيءَ کي ڪاڪوس خانو بنايائون، جو اڄ ڏينهن تائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سامريہ شهر ۾ جيڪو بعل ديوتا جو پوڄا گھر ٺهرايو هو، تنهن ۾ بعل جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ بہ ٺهرايائين.


اهڙيءَ طرح ييهوءَ اسرائيل مان بعل جي پوڄا جي پاڙ پٽي ڇڏي.


تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.


هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، پر اهڙي نہ جهڙي سندس پيءُ ۽ ماءُ ايزبل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ بعل ديوتا کي پوڄڻ لاءِ پڻس جيڪو ٿنڀو جوڙايو هو سو هن ڊهرائي ڇڏيو هو.


ٻيو تہ آءٌ حڪم ٿو ڏيان تہ جيڪڏهن ڪوبہ هن حڪم جي ابتڙ ڪندو تہ انهيءَ جي گھر مان هڪ شهتير ڪڍي ان جي چهنڀ ٺاهي کيس ان ۾ ٽُنبيو ويندو ۽ سندس گھر ڊاهي گند جو ڍير ڪيو ويندو.


بلڪ اوهين هنن جي قربان‌گاهن کي ڊاهي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏجو ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتيون وڍي ڇڏجو.


بادشاهہ رملين کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ جيڪڏهن اوهين پاڻ مون کي اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان سڀني کي وڍائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيندس ۽ اوهان جا گھر ويران دڙا ڪرائي ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ هي حڪم ٿو جاري ڪريان تہ ڪنهن بہ قوم ۽ قبيلي توڙي مختلف ٻوليءَ وارو جيڪڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالهائي تہ انهيءَ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي گھر کي ڊاهي ويران دڙو ڪيو وڃي. ان جو سبب هي آهي جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو هن طرح بچائي ٿو سگھي.“


آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ