Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:25 - Muslim Sindhi Bible

25 جڏهن هنن ساڙڻ واريون قربانيون ڪري بس ڪئي، تڏهن ييهوءَ پنهنجي پهريدارن ۽ سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اندر گھڙي وڃي سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ بچي نڪرڻ نہ ڏيو.“ سو هو اندر گھڙي ويا ۽ انهن کي تلوارن سان ماري ڇڏيائون. پوءِ پهريدارن ۽ سالارن انهن جي لاشن کي گهلي ٻاهر اڇلايو ۽ بعل جي پوڄا گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سوختني قرباني چاڙهي بس ڪئي، تڏهن ياهوءَ پهري وارن کي ۽ لشڪر جي سردارن کي چيو تہ اندر لنگهي وڃي هنن کي ڪُهو؛ جيئن هڪڙو بہ ٻاهر نہ نڪري. ۽ هنن انهن کي ترار جي ڌار سان وڃي ماريو؛ پوءِ پهري وارن ۽ لشڪر جي سردارن انهن کي ٻاهر اُڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ بعل جي گهر واري شهر ڏانهن هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:25
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.


انهن پوڄا گھرن جا جيڪي مذهبي اڳواڻ هئا، تن سڀني کي هن قربان‌گاهن تي قتل ڪرائي مٿن مري ويلن جا هڏا ساڙايا. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو.


جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي.


موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي خيمي‌گاهہ ۾ در جي اندر هر طرف گشت ڪري ۽ پنهنجي پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.“


پوءِ بادشاهہ پنهنجي آس‌پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ”اُٿو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان گڏ سازش ۾ هنن جو بہ هٿ آهي، جو هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي. تڏهن بہ هنن اها ڳالهہ مون کي نہ ٻڌائي.“ پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ کڻڻ نہ چاهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ