Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهن کان پوءِ ييهو ۽ يهوناداب ولد ريڪاب بعل جي پوڄا گھر ۾ اندر گھڙي ويا. اتي هن سڀني پوڄارين کي چيو تہ ”جاچي ڏسو تہ اوهان منجھہ خداوند جي عبادت ڪندڙن مان تہ ڪو موجود ڪونهي، هتي رڳو بعل جا ئي پوڄيندڙ هجن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ ياهو ۽ يهوناداب بن ريڪاب بعل جي گهر ۾ ويا؛ ۽ هن بعل جي بندگي ڪندڙن کي چيو تہ وڃي تلاش ڪريو ۽ ڏسو تہ خداوند جي ٻانهن مان ڪوبہ هتي نہ هجي، پر رڳا بعل جا پوڄيندڙ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جيڪي لشڪرن جا سالار هئا، هڪڙي جو نالو بعنہ ۽ ٻئي جو ريڪاب هو. اهي ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جيڪو بنيامين قبيلي مان هو. ان وقت بيروت شهر کي بنيامين قبيلي جو حصو شمار ٿي ڪيو ويو.


پوءِ ييهو لباس‌خاني جي ناظم کي حڪم ڏنو تہ ”بعل جي سڀني پوڄيندڙن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي اچ.“ سو هو انهن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي آيو.


پوءِ ييهو ۽ يهوناداب بعل ديوتا واسطي جانورن جون قربانيون ۽ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا. ان کان اڳ ۾ ييهو ٻاهر دروازي تي اسي ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا، جن کي حڪم ڏنو هئائين تہ ”اوهان کي هنن سڀني ماڻهن کي مارڻو آهي. جيڪڏهن ڪوبہ ڪنهن کان ڀڄي ويو تہ انهيءَ جي عيوض هو پنهنجي جان وڃائيندو.“


پر هنن وراڻيو تہ ”اسين مئي نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏي يهوناداب ولد ريڪاب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’اوهين يا اوهان جو اولاد ڪڏهن بہ مئي نہ پيئي.


ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“


ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ