Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:21 - Muslim Sindhi Bible

21 سو بعل جا سڀ پوڄاري اچي گڏ ٿيا، اهڙو ڪوبہ نہ بچيو جيڪو نہ آيو. هو بعل جي پوڄا گھر ۾ داخل ٿيا تہ پوڄا گھر هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ ياهو ساري اسرائيل ۾ قاصد موڪليا: ۽ بعل جا سڀ پوڄيندڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ بچيو جو نہ آيو. ۽ هو بعل جي گهر ۾ آيا؛ ۽ بعل جو گهر هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي تائين ڀرجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سامريہ شهر ۾ جيڪو بعل ديوتا جو پوڄا گھر ٺهرايو هو، تنهن ۾ بعل جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ بہ ٺهرايائين.


پوءِ ييهو لباس‌خاني جي ناظم کي حڪم ڏنو تہ ”بعل جي سڀني پوڄيندڙن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي اچ.“ سو هو انهن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي آيو.


تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.


تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون.


پوءِ انهن ناپاڪ روحن بادشاهن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون.


اهو پوڄا گھر مردن ۽ عورتن سان ڀريل هو. فلستين جا سڀ سردار بہ اتي هئا ۽ ڇت تي اٽڪل ٽي هزار مرد ۽ عورتون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ