Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ ييهوءَ سامريہ شهر جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين چيائين تہ ”اخي‌اب بعل ديوتا جي ٿوري پوڄا ڪندو هو، پر آءٌ انهيءَ جي گھڻي پوڄا ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ياهوءَ سڀ ماڻهو گڏ ڪري اُنهن کي چيو تہ اخي آب بعل جي ٿوري عبادت ڪندو هو؛ پر ياهو انهيءَ جي گهڻي عبادت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڪرمل جبل تي گھرائي مون وٽ گڏ ڪر. بعل ديوتا جي ساڍن چئن سون نبي سڏائيندڙن ۽ يسيرہ ديويءَ جي چئن سون نبي سڏائيندڙن کي بہ گھراءِ جن جي راڻي ايزبل حمايت ڪري ٿي.“


تڏهن الياس کين چيو تہ ”خداوند جي نبين مان فقط آءٌ ئي هڪڙو نبي وڃي بچيو آهيان، پر بعل ديوتا جا نبي سڏائيندڙ ساڍا چار سؤ آهن.


پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، پر اهڙي نہ جهڙي سندس پيءُ ۽ ماءُ ايزبل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ بعل ديوتا کي پوڄڻ لاءِ پڻس جيڪو ٿنڀو جوڙايو هو سو هن ڊهرائي ڇڏيو هو.


يا وري ڇا خدا جي حمايت ۾ اوهين اڃا بہ ڪوڙ ڳالهائيندا؟ ڇا اوهين ماڻهن سان ائين ٺڳي ڪري خدا کي ڪو فائدو رسائيندا؟


پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها تعليم اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ