2.بادشاهَہ 10:14 - Muslim Sindhi Bible14 ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”هنن کي جيئرو ئي پڪڙيو.“ سو هنن کي جيئرو ئي پڪڙيو ويو ۽ کين اُن ڪترڻ واري جاءِ جي حوض وٽ قتل ڪيو ويو. اهي ڪل ٻائيتاليهہ ڄڻا هئا جن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 ۽ هن چيو تہ اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙيو. ۽ هنن اُنهن کي جيئرو ئي پڪڙي اُن ڪترڻ واريءَ جاءِ جي کڏ تي ڪُهي ڇڏيو، ۽ اُهي ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا؛ انهن مان ڪوبہ ڪونہ ڇڏيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.
تڏهن ييهوءَ هنن ڏانهن ٻيو خط لکيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي طرف آهيو ۽ منهنجا فرمانبردار آهيو، تہ پوءِ پنهنجي مالڪ جي اولاد جون سسيون پاڻ لاهي سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري مون وٽ يزرعيل شهر ۾ کڻي اچو.“ جيئن تہ بادشاهہ اخياب جي اولاد مان ستر ئي ڄڻا سامريہ جي درٻاري اميرن جي سنڀال هيٺ هئا جن جي هنن پالنا پئي ڪئي،