Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڏسو، هاڻي ثابت ٿيو تہ جيڪو فرمان خداوند اخي‌اب جي گھراڻي جي باري ۾ ٻڌايو آهي سو سڀ سچو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اُهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي جيڪو پنهنجي نبيءَ الياس جي معرفت چيو هئائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هاڻي اوهان کي خبر هجي تہ جيڪو ڪلام خداوند اخي آب جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ زمين تي نہ ڪِرندو: ڇالاءِ جو خداوند اُهو ڪيو آهي جو پنهنجي ٻانهي ايلياہ جي معرفت فرمايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“


”ڏس، اخي‌اب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“


جڏهن ييهو سامريہ شهر ۾ آيو تڏهن اتي اخي‌اب جي گھراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن سڀني کي هن مارائي ناس ڪري ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان الياس نبيءَ سان خداوند جو ڪيل فرمان سچو ثابت ٿيو.


اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“


هنن موٽي وڃي ييهوءَ کي ٻڌايو. تنهن تي هن چيو تہ ”اهو ئي خداوند جو فرمان آهي جيڪو هن پنهنجي ٻانهي الياس تشبيءَ جي معرفت ٻڌايو هو تہ ’يزرعيل شهر جي زمين تي ايزبل جو ماس ڪتا کائيندا.


تڏهن شهنشاهہ هامان کي حڪم ڏنو تہ ”دير نہ ڪر. جلدي وڃي اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي اچ ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي مردڪئي يهوديءَ لاءِ ڪر، جيڪو شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر آهي. جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ڪابہ ڳالهہ گھٽ نہ ڪجانءِ.“


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


سموئيل وڏو ٿيندو رهيو ۽ جيئن تہ خداوند ساڻس گڏ هو، سو هن جي چيل ڪابہ ڳالهہ مٽيءَ ۾ ملڻ نہ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ