Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سامريہ شهر ۾ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ڄڻا رهندا هئا. ييهوءَ سامريہ جي اڳواڻن، يزرعيل شهر جي عملدارن ۽ جن اخي‌اب جي اولاد مان انهن ستر ڄڻن کي پاليو ٿي تن ڏانهن خط لکي موڪليا. انهن ۾ لکيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 10:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو خداوند جي حڪم موجب جيڪي ڳالهيون هن بيت‌ايل ۾ قربان‌گاهہ بابت ۽ سامريہ جي ڳوٺن ۾ سڀني پوڄا گھرن جي باري ۾ ڪيون هيون سي ضرور پوريون ٿينديون.“


پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.


عمري وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ شهر ۾ دفنايو ويو. سندس پٽ اخي‌اب هن جي تخت تي ويٺو.


”ڏس، اخي‌اب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“


انهيءَ ڇوڪريءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سانئڻ کي چيو تہ ”جيڪڏهن منهنجو مالڪ سامريہ ۾ رهندڙ نبيءَ سان وڃي ملي تہ هو کيس بيماريءَ مان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سگھي ٿو!“


اخزياہ جي ڳولا ڪئي ويئي تہ اهو کين سامريہ ۾ مليو جتي هو لڪل هو. کيس پڪڙي ييهوءَ وٽ آندو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. پوءِ اهو چئي کيس انهيءَ لاءِ دفن ڪيو ويو تہ هي بادشاهہ يهوسفط جو پوٽو آهي، جنهن پنهنجي دل وَ جان سان خدا جي فرمانبرداري ڪئي هئي. اخزياہ جي گھراڻي ۾ ڪوبہ باقي نہ رهيو جيڪو بادشاهت هلائي سگھي.


تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس.


ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن.


يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن.


هن کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو.


هن کي ستر سڳا پٽ هئا، ڇاڪاڻ تہ کيس گھڻيون ئي زالون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ