Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن بادشاهہ پنجاهہ سپاهين جي هڪڙي سالار کي سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ان وقت الياس ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، سو سالار وڃي کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’هيٺ لهي اچ.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن بادشاهہ هڪڙو پنجاهن وارو سردار پنهنجن ماڻهن سان هن ڏانهن موڪليو. ۽ اُهو هن وٽ ويو: ۽ ڏٺائين تہ هو ٽڪر جي چوٽيءَ تي ويٺو هو. ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خدا جا مرد، بادشاهہ چيو آهي تہ هيٺ لهي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي مالڪ اوهان کي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليا هجن. جڏهن انهيءَ قوم يا بادشاهت چيو تہ ’الياس هتي اسان وٽ ڪونهي‘ تڏهن هن انهن کان قسم کڻائي ٿي پڇيو تہ واقعي ئي اوهين انهن وٽ ڪين هئا.


جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


سو اخي‌اب کائڻ پيئڻ لاءِ اٿيو، پر الياس ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جتي هو پنهنجي گوڏن ۾ منهن وجھي زمين تي جھڪي ويهي رهيو.


تڏهن راڻي ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان الياس کي چوائي موڪليو تہ ”جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري مون تو سان ائين نہ ڪيو جيئن تو بعل جي انهن نبين سان ڪيو هو تہ پوءِ ڀلي تہ ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“


اخي‌اب وراڻيو تہ ”هائو، هڪڙو نبي باقي آهي جيڪو املہ جو پٽ ميڪاياہ آهي. انهيءَ کان اسين خداوند جي مرضي معلوم ڪري سگھون ٿا پر مون کي کانئس نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري.“ يهوسفط کيس چيو تہ ”اوهان کي ائين چوڻ نہ گھرجي.“


پوءِ هو اتان نڪري ڪرمل جبل ڏانهن ويو ۽ اتان موٽي سامريہ شهر ۾ آيو.


سو هوءَ رواني ٿي ۽ ڪرمل جبل تي انهيءَ خدا جي ٻانهي وٽ آئي. جڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي هن کي پري کان ايندو ڏٺو تڏهن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيائين تہ ”ڏس، هوءَ شونيمي عورت پيئي اچي.


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


تنهن کان پوءِ امصياہ پاڻ عاموس کي چيو تہ ”اي غيب ڏسندڙ! هاڻي هليو وڃ. تون پنهنجي يهوداہ ملڪ ڏانهن موٽي وڃ. اُتي وڃي اڳڪٿيون ڪري پنهنجو پيٽ پال.


ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.


هيئن چيو تہ ”اي مسيح! اسان کي پنهنجي نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“


تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“


جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو.


هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو بادشاهہ، ڪيئن ٿو صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻهو صليب تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.


تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي.“


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


انهيءَ ڳالهہ جي جڏهن سائول کي خبر پيئي تڏهن هن ٻيا ماڻهو روانا ڪيا جيڪي بہ اچي بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا. وري هن ٽيون ڀيرو بہ پنهنجا ماڻهو موڪليا تہ اُهي بہ اچي بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ