Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري هاڻي بادشاهہ کي وڃي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ جنهن کٽ تي بادشاهہ پيو آهي تنهن تان وري هيٺ نہ لهندو، هو ضرور مرندو.‘“ سو الياس اُٿي روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنڪري هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن هنڌ تي تون سمهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. ۽ ايلياہ اُٿي روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو وڻ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي، تنهن جو ميوو هرگز نہ کائجانءِ، ڇو تہ جنهن ڏينهن تون اهو کائيندين تنهن ڏينهن ضرور مرندين.“


نانگ وراڻيو تہ ”اوهين هرگز ڪونہ مرندا.


اخياہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي اُٿ ۽ پنهنجي گھر وڃ. جڏهن تون پنهنجي شهر ۾ پير رکندينءَ، تڏهن ڇوڪرو مري ويندو.


سو الياس اخي‌اب وٽ پيش ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سامريہ ۾ ڏڪار ڏاڍو سخت هو.


هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“


پوءِ جڏهن قاصد بادشاهہ وٽ موٽي آيا، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو موٽي آيا آهيو؟“


هنن وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو اچي اسان سان مليو، جنهن اسان کي اوهان ڏانهن خداوند جو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موٽائي روانو ڪيو تہ ’اسرائيل ملڪ ۾ ڪو معبود ڪونهي ڇا جو تون عقرون شهر جي معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪلين ٿو؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور مرندين.‘“


انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪي ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“


اليشع کيس وراڻيو تہ ”خداوند مون کي الهام ڪيو آهي تہ هو ضرور مرندو، پر تون کيس وڃي چئُہ تہ ’تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندين.‘“


سچائيءَ تي قائم رهڻ وارو زندگي حاصل ٿو ڪري، مگر بڇڙائيءَ جي راهہ تي هلڻ وارو خود پنهنجي موت کي ٿو ويجھو وڃي.


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.


اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند انهن جي باري ۾ فرمايو هو تہ ”اهي سڀ ضرور بيابان ۾ مري ويندا.“ سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو بہ ماڻهو ڪونہ بچيو.


تنهن کان سواءِ خداوند بني اسرائيل کي بہ تو سان گڏ فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان گڏ قبرستان ۾ هوندا. خداوند بني اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ