Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخي‌اب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


تون پاڻ سان ڏهہ مانيون، ڪجھہ روٽ ۽ ماکيءَ جي گھُگھي کڻي وٽس وڃ. هو تو کي ٻڌائيندو تہ اسان جي پٽ سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.“


هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“


نيٺ اخي‌اب مري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ اخزياہ سندس تخت تي ويٺو.


هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“


پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟


هنن وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو اچي اسان سان مليو، جنهن اسان کي اوهان ڏانهن خداوند جو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موٽائي روانو ڪيو تہ ’اسرائيل ملڪ ۾ ڪو معبود ڪونهي ڇا جو تون عقرون شهر جي معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪلين ٿو؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور مرندين.‘“


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


هاڻي جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ جيڪي بہ بدڪار آهن، خدا رڳو تن تي ئي مصيبت ۽ تباهي ٿو موڪلي،


منهنجو محبوب هرڻ جهڙو آهي، هائو، هو جوان ڄانگھي جهڙو آهي. ڏسو، هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي. هو درين مان جھاتيون ٿو پائي، ۽ ڳڙکين مان پاڻ ٿو ڏيکاري.


جڏهن آءٌ مصرين جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندس، تڏهن اهي همت هاري ويهندا. پوءِ هو پنهنجن بتن کان، جادوگرن کان، ڀوپن کان، ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کان پيا پڇائون ڪندا.


اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.


جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟


هنن سندن معبودن کي باهہ ۾ اڇلائي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي حقيقي معبود نہ هئا، بلڪ ماڻهن جي هٿن جا جوڙيل رڳو ڪاٺ ۽ پٿر جا بوتا هئا.


شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ ڀوتن جو سردار بعل‌زبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“


تڏهن انهن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي،“


يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو.


پوءِ اتان عقرون جي اترينءَ لاهيءَ ڏانهن وڃي سڪرون ڏانهن ڦري ۽ بعلہ جبل وٽان لنگھي يبني‌ايل وٽ پهتي. اها سرحد ڀُونوِچ سمنڊ تي ختم ٿي


تنهنجو معبود ڪموس جيڪي تو کي ورثو ڪري ڏئي، تون اهو هٿ نہ ڪندين ڇا؟ ساڳيءَ طرح جن کي خداوند اسان جي خدا اسان جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تن جي ملڪ تي اسان قبضو نہ ڪيون ڇا؟


سيسرا جي ماءُ پنهنجي محل جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ڏسندي پڪاري هيئن چيو تہ ’ڇو سيسرا جي جنگي گھوڙي گاڏين جو اڃا آواز ٻڌڻ ۾ نہ ٿو اچي؟ ڇو سندس گھوڙي گاڏين اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟‘


تڏهن وري هنن خدا جي عهد واري صندوق عقرون شهر ڏانهن موڪلي ڏني. جيئن ئي اها عقرون ۾ پهتي تہ اُتي جا ماڻهو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هنن بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي مارڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ