Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن خداوند جي ملائڪ الياس کي چيو تہ ”هنن سان گڏ هيٺ لهي وڃ، کانئن نہ ڊڄ.“ سو الياس اٿيو ۽ انهن سان گڏ لهي بادشاهہ ڏانهن ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ خداوند جي ملائڪ ايلياہ کي چيو تہ هن سان لهي وڃ: ۽ هن کان نہ ڊڄ. تڏهن هو اُٿيو ۽ هن سان گڏجي بادشاهہ ڏي لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


الياس چيو تہ ”قادرِمطلق جيئري خداوند جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ اڄ ضرور منهنجي ۽ تنهنجي مالڪ جي ملاقات ٿيندي.“


جيئن تہ اڳين ٻنهي سالارن کي پنهنجن پنجاهہ پنجاهہ سپاهين سوڌو آسمان مان باهہ لهي اچي ساڙي ڇڏيو، پر اسان تي رحم جي نظر ڪريو.“


پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟


سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.


آءٌ تو کي هن قوم جي اڳيان پتل جي هڪڙي مضبوط ڀت بڻائيندس. تنهنجا مخالف تو سان وڙهندا پر تو تي غالب اچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي ڇڏائڻ ۽ بچائڻ واسطي تو سان گڏ آهيان.


اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.


ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ