Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 الياس ان سالار کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ پوءِ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان باهہ لٿي، جنهن سالار ۽ سندس پنجاهہ ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ ايلياہ ورندي ڏيئي انهيءَ پنجاهہ واري سردار کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ خدا جو مرد آهيان تہ ڀلي آسمان مان باهہ لهي اچي، ۽ توکي ۽ تنهنجن پنجاهن کي ساڙي ۽ آسمان مان باهہ لهي آئي، ۽ انهيءَ کي ۽ سندس پنجاهن کي ساڙي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 1:10
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ميڪاياہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ پوءِ چئبو تہ خداوند منهنجي معرفت ڳالهايو ئي ناهي.“ پوءِ هن اتي موجود سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀ اهو ٻڌي ڇڏيو.“


تنهن کان پوءِ بادشاهہ وري هڪ ٻيو پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت الياس ڏانهن موڪليو. انهيءَ سالار کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’جلد هيٺ لهي اچ.‘“


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


اڃا اهو ڳالهائي ئي رهيو هو تہ هڪڙي ٻئي نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”آسمان مان باهہ ڪري آهي ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڌنارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“


پوءِ انهن جي ٽولي جي باقي ماڻهن ۾ خدا اهڙي تہ باهہ ڀڙڪائي جو انهيءَ ۾ هر بدڪار سڙي ويو.


جيئن تہ بادشاهہ جي سخت تاڪيدي حڪم موجب کوري جي تپش تمام تيز هئي، تنهنڪري سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي کوري جي ويجھو کڻي ايندڙ پهلوانن کي انهيءَ تپش ساڙي ختم ڪري ڇڏيو.


سو بادشاهہ کين وري چيو تہ ”ڏسو، آءٌ باهہ جي وچ ۾ چئن ماڻهن کي کُليل ڏسان پيو، جيڪي گھمندا ڦرندا ٿا وتن ۽ انهن کي ڪو ايذاءُ بہ ڪونہ رسيو آهي، جڏهن تہ چوٿين ماڻهوءَ جي شڪل معبودن جهڙي ٿي ڏسجي.“


پوءِ بادشاهہ جي حڪم تي انهن ماڻهن کي آندو ويو، جن دانيال تي تهمت هنئي هئي. انهن کي سندن زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت کڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. پوءِ انهيءَ کان اڳ جو اهي ڏر جي تري تائين پهچن، شينهَن مٿن حملو ڪري کين چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ سندن هڏگڏ ڀڃي ڇڏيائون.


تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.


ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيمي‌گاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين.


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.


انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“


تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي.“


هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هيروديس بادشاهہ يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ