Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري خدمت بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پاڪ ٿيلن جي خدمت جي بابت منهنجو اوهان کي لکڻ اجايو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري سيوا بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ايمان وارن لاءِ جيڪا خدمت ڪجي ٿي، تنھن بابت مون کي اوھان ڏانھن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 9:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ربقہ کي وڏي پٽ عيسوءَ جي رٿ جي خبر پيئي تڏهن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گھرايائين ۽ چيائينس تہ ”ڳالهہ ٻڌ، تنهنجو ڀاءُ عيسو تو کي قتل ڪري پنهنجي دل ٺارڻ گھري ٿو.


يهوداہ جو بادشاهہ جنهن اوهان کي خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ هتي موڪليو آهي، تنهن کي وڃي چئو تہ جيڪو ڪلام هن ٻڌو آهي تنهن بابت خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ


بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي.


مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات اچي ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.


خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل خدا جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ خدا سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي خدا جا پيارا آهن،


مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


تہ خدا مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير ايمان وارن کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ منهنجي خدمت قبول پوي.


هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي ايمان رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اهو سڀ ڪجھہ ٿيڻ واري وقت ۽ زماني جي باري ۾ اسان کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانهي،


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ عهد اقرار ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ