Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:9
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.


اي يروشلم جي وسندي! تنهنجي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس. هائو، تنهنجي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيستائين تنهنجي خوشحالي روشنيءَ وانگر ظاهر نہ ٿيندي، ۽ تنهنجي بحالي روشن مشعل وانگر ڏسڻ ۾ نہ اچي.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح سٺن انگورن کي برباد نہ ٿو ڪيو وڃي، بلڪ انهن مان مئي ٿي ٺاهي وڃي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ پنهنجي پوري قوم کي برباد نہ ڪندس، بلڪ آءٌ انهن کي بچائيندس جيڪي منهنجي بندگي ٿا ڪن.


پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


سو جيڪڏهن اوهين هن دنياوي دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟


هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.


يوعانا، جيڪا بادشاهہ هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي زال هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


جيتوڻيڪ ڪلام جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي ۽ ڪلام دنيا ۾ هو تہ بہ دنيا هن کي نہ سڃاتو.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو آواز منهنجي لاءِ نہ پر اوهان جي لاءِ هو.


جيڪي ڪجھہ منهنجي پيءُ جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پاڪ روح منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندو.“


آءٌ پاڻ کي انهن جي خاطر انهيءَ لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اهي بہ سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.


هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو ڇوٽڪاري کي قبول نہ ڪرڻ دنيا جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ ايمان وارن جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ خدا جي ڪيڏي نہ وڌيڪ رحمت ٿيندي.


ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ واري زندگي نہ گذاري، جيئن پاڪ ڪلام ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“


پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.


هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


خدا جيڪو فضل عيسيٰ مسيح ۾ اوهان کي عطا ڪيو آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي خدا جو شڪر ڪندو رهان ٿو،


پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آسمان مان آيو.


اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.


اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي فضل جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.


شل اوهين مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين خدا جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان.


انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن.


پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو خدا هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ