Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو انهن پاڻ کي پهريائين خداوند عيسيٰ جي حوالي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ نہ رڳو هنن اسان جي اميد موافق ڏنو، پر پنهنجو پاڻ پهرين خداوند کي ڏيئي، پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان کي بہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 سو انهن پاڻ کي پهريائين پرڀو يسوع جي حوالي ۽ پوءِ ايشور جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انھن نہ رڳو اسان جي اميد آھر ڏنو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي پھريائين خداوند جي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان جي حوالي ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


هوڏانهن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دلين ۾ خداوند اهو خيال وڌو تہ اهي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي حڪم موجب سندس فرمان جي تعميل ڪن.


هاڻي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پنهنجن ڳاٽن کي اوچو نہ ڪريو، بلڪ خداوند جي آڏو جھڪو. اوهين انهيءَ مقدس هيڪل وٽ اچو جيڪا هن هميشہ پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي. خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ جيئن هن جي سخت ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر عيسيٰ مسيح بابت تبليغ ڪريون ٿا تہ هو ئي خداوند آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوهان جا خادم آهيون.


هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي خدا جي انهيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدُنيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي.


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ