Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:18 - Muslim Sindhi Bible

18 هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ڪئي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ساڻس گڏ اسان انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن جي تعريف انجيل جي بابت سڀني ڪليسيائن ۾ ڦهليل آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري وشواسين جي سڀني منڊلين ۾ ڪئي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن.


پوءِ جڏهن آءٌ پهچان تڏهن جن ماڻهن کي اوهين اعتماد جوڳو سمجھي مقرر ڪندا تن کي ڪي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن هو اوهان جو اهو نذرانو يروشلم ڏانهن کڻي وڃن.


انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.


آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.


مون طيطس کي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوهان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ هلياسين ڇا؟


جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ خداوند عيسيٰ جي طرفان مون لاءِ خدمت ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو.


ڪليسيائون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن نذرانو کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ خدمت انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان خداوند جي واکاڻ ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ