Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 8:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل ۾ اهو خيال آهي تہ تون منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائين، سو تنهنجو اهو خيال چڱو آهي.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي منهنجي لاءِ نذرانو آڻين. هر هڪ ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيڪو بہ نذرانو آڻي، سو تون منهنجي لاءِ هن کان وٺ.


جيڪي ماڻهو نذراني ۾ چاندي ۽ پتل ڏئي ٿي سگھيا، سي خداوند لاءِ اهي ئي نذرانو کڻي آيا. جن وٽ ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو سي اهو کڻي آيا.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


اوهين پنهنجي ملڪيت مان خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو. اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي سو پنهنجي دل جي خوشي ۽ فراخدليءَ سان هي آڻي: سون، چاندي، پتل،


وفاداري هڪ سٺي ۽ پسنديدہ خوبي آهي. ڪوڙي شاهديءَ جي ڪمائيءَ کان غربت بهتر آهي.


اهڙيءَ طرح جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن بہ ٻيا ٻہ هزار ڪمايا.


پوءِ اهو نوڪر آيو جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوهان مون کي ٻہ هزار سون جا سڪا ڏنا هئا. ڏسو، مون انهن مان ٻيا بہ ٻہ هزار ڪمايا آهن.‘


جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي‌ايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بي‌ايمان ٿيندو.


تہ هاڻي انهيءَ ڪم کي پورو ڪريو، تہ جيئن جيڪو ارادو اوهان شوق سان ڪيو هو سو اوهان جي حيثيت آهر ڏيڻ سان پورو بہ ٿي وڃي.


آءٌ ائين نہ ٿو چاهيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي، پر هڪجهڙائي هجي.


ڪليسيائون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن نذرانو کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ خدمت انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان خداوند جي واکاڻ ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي.


هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.


هر ماڻهوءَ کي جيڪا نعمت ملي آهي سو انهيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ