Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هاڻي آءٌ خوش آهيان، انهيءَ لاءِ نہ تہ اوهين غمگين ٿيا هئا، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي غمگينيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو اوهان توبهہ ڪئي. سو اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهنڪري اسان جي طرفان اوهان کي ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 هاڻي جو آئون خوش ٿيو آهيان سو نہ انهي ڪري تہ اوهين غمگين ٿيا؛ پر انهي ڪري تہ غمگين ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو اوهان پڇتاءُ ڪيو: ڇالاءِ جو اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي ڪري ڪنهن بہ طرح جو نقصان نہ سهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 هاڻي آءٌ خوش آهيان، انهيءَ لاءِ نہ تہ اوهين غمگين ٿيا هئا، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي غمگينيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو اوهان توبهہ ڪئي. سو اوهان جي غمگيني ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهنڪري اسان جي طرفان اوهان کي ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ھاڻي آءٌ خوش آھيان، انھيءَ لاءِ نہ تہ اوھين غمگين ٿيا آھيو، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھان جي غمگينيءَ جو اھو نتيجو نڪتو جو اوھان توبھہ ڪئي. سو اوھان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھنڪري اسان جي طرفان اوھان کي ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 7:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ آءٌ پنهنجيون بدڪاريون قبول ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي گناهن جي ڪري آءٌ پشيمان آهيان.


غمگين رهڻ، کلندو رهڻ کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ غمگيني انسان کي وڌيڪ سنجيدہ ۽ پختو ٿي بڻائي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ گنهگار جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آسمان تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي زندگي بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟


جيتوڻيڪ منهنجي خط اوهان کي غمگين ڪيو، تڏهن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏهن پڇتايو هئم تہ اهو ڏسي ڪري تہ خط اوهان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ