Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيئرا رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 گمنامن وانگر، مگر مشهور؛ مُئلن وانگر، مگر ڏسو اسين جيئون پيا؛ سزا يافتن وانگر، مگر ماري وڌل نہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيوت رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 6:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ پولس عيسيٰ ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جي منادي ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘


پر هنن ساڻس پنهنجي دين ۽ عيسيٰ نالي هڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو هو پر پولس چوي ٿو تہ هو جيئرو آهي.


پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاهہ اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“


پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.


اٽلندو منهنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي فرشتن لاءِ، بلڪ سڄي دنيا لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون.


پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت خدا جي پيغام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


تنهنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ خدا جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ