Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مطلب تہ اسين جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيون سا ايمان رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 (ڇالاءِ جو اسين ايمان جي وسيلي ٿا هلون، نہ اکين ڏٺي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 مطلب تہ اسين جيڪو جيون گذاري رهيا آهيون سو وشواس رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ڇالاءِ⁠جو اسين جيڪا زندگي گذاري رھيا آھيون سا ايمان جي وسيلي آھي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 5:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.


مطلب تہ ايمان جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.


سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آهن.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


پر اڃا تائين اوهين انهيءَ آرام ۽ ميراث واري هنڌ تي ڪونہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.


ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو ايمان جي وسيلي جيئرو رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


اوهين ايمان تي قائم رهي سندس مقابلو ڪريو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ اوهان جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙين ئي تڪليفن ۾ پيا گذارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ