پوءِ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگھيس ۽ تو کي تنهنجي ڄم جي رت ۾ ليٿڙندي ڏٺم، تڏهن جيتوڻيڪ تون ڄم جي رت ۾ ٻڏل هئينءَ تہ بہ تو کي مرڻ نہ ڏنم، بلڪ تو کي چيم تہ ”جيئري رهہ
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي ايمان رکي ٿو، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ هو گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،
اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين عهد جا خدمتگار هئڻ جي لائق ڪيو. اهو عهد لکيل شريعت جو نہ پر پاڪ روح جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل شريعت جو اثر موت آهي جڏهن تہ پاڪ روح زندگي ڏئي ٿو.
هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.