Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ خدا جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ تہ جي اسين سودائي آهيون تہ خدا جي لاءِ آهيون؛ يا جي اسين سمجهو آهيون تہ اوهان جي لاءِ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ ايشور جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جيڪڏھن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين بي⁠خوديءَ جي حالت ۾ آھيون تہ خدا جي خاطر آھيون، پر جيڪڏھن ٺيڪ دماغ سان آھيون تہ اوھان جي خاطر آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 5:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.


هوڏانهن جڏهن عيسيٰ جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.


آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي.


ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي بي‌وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.


آءٌ بي‌وقوف تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي تعريف نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا رسول سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.


پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ بي‌وقوف نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي.


مون اوهان ڏانهن جيڪو خط لکيو هو، سو نہ انهيءَ جي ڪري هو جنهن ڏوهہ ڪيو ۽ نہ وري انهيءَ جي ڪري هو جنهن جو ڏوهہ ڪيائين. ان جي بدران منهنجي لکڻ جو مقصد هي هو تہ اسان لاءِ اوهان جو جذبو خدا جي آڏو اوهان تي ظاهر ٿئي.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان.


انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙي زندگي گذاريسين.


تنهنڪري آءٌ خدا جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح ۾ ٿو ملي، تنهن کي اهي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ