Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پاڪ روح جو عطا ڪيل ساڳيو ئي ايمان آهي. سو اسين بہ ايمان آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جڏهن اسان ۾ اهوئي ساڳيو ايمان جو روح آهي، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”مون ايمان آندو ۽ تنهنڪري مون ڳالهايو؛“ تڏهن اسين بہ ايمان ٿا آڻيون، ۽ تنهنڪري ڳالهايون ٿا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون وشواس آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پوِتر آتما جو بخشيل ساڳيو ئي وشواس آهي. سو اسين بہ وشواس آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”مون ايمان آندو، تنھنڪري مون ڳالھايو.“ اسان جو ايمان بہ ساڳيو ئي آھي. اھڙيءَ ريت اسين ايمان آڻيون ٿا، تنھنڪري ڳالھايون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون ان وقت بہ ايمان آندو هو جڏهن چيو هئم تہ ”آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“


ڪوڙي شاهد کي جلدي ماٺ ڪرايو ويندو، مگر سچو شاهد جيڪو سوچ ويچار سان ڳالهائي ٿو، تنهن جو هر هڪ لفظ قبول ڪيو ويندو.


جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر خداوند عيسيٰ جي فضل سان مٿس ايمان آڻڻ تي ئي ڇوٽڪارو ملي ٿو.“


آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہ‌افزائي ٿيندي، اوهان جي ايمان سان منهنجي ۽ منهنجي ايمان سان اوهان جي.


ڪنهن کي ساڳيو پاڪ روح ايمان ۾ مضبوطي بخشي ٿو تہ ڪنهن کي اهو هڪڙو ئي پاڪ روح شفا ڏيڻ جي نعمت ٿو عطا ڪري.


تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.


ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ