Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هائو، اسين زندہ حالت ۾ عيسيٰ جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو اسين جي جيئرا آهيون، سي هميشہ يسوع جي خاطر موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هائو، اسين جيوت حالت ۾ يسوع جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي ناس ٿيندڙ شرير ۾ ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 4:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو چوندا تہ ”جيئن ڪو زمين کي هر ڏيئي ڀتر کيڙي ٿو، تيئن ئي اسان جا هڏا قبر جي منهن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.“


تنهن هوندي بہ اسين تو خاطر روزانو موت جو منهن ڏسندا رهون ٿا. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.


هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.


يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جي صورت ملي آهي، تهڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ضرور ملندي.


مطلب تہ اسين عيسيٰ جو موت هر وقت پنهنجي جسم ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاهر ٿئي.


ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي.


جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيئرا رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ