Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.ڪرنٿين 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل خداوند ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر جڏهن ڪڏهن هنن جي دل خداوند ڏانهن ڦرندي، تڏهن پردو کڄي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل پرميشور ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 مگر جڏھن بہ ڪنھن جي دل خداوند ڏانھن ڦري ايندي تڏھن اھو پردو کڄي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.ڪرنٿين 3:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندو هو تہ نقاب لاهي ڇڏيندو هو. جيڪو حڪم کيس ملندو هو سو ٻاهر اچي بني اسرائيل کي ٻڌائيندو هو.


اتي هو ڏکن جا اهي ڪڪر هٽائي ڇڏيندو، جيڪي دنيا جي سڀني قومن مٿان ڇانيل آهن.


هائو، جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن ٻوڙا بہ دستاويز جون پڙهيون ويندڙ ڳالهيون ٻڌي سگھندا، ۽ انڌا، جيڪي اونداهيءَ دنيا ۾ ٿا گذارين، تن جون اکيون روشن ٿينديون ۽ اهي ڏسي وائسي سگھندا.


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ جي بجاءِ اچو تہ اسين پنهنجي چال چلت بابت سوچ ويچار ڪريون، ۽ پوءِ وري خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون.


بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن ايمان نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.


هائو، اڄ ڏينهن تائين جڏهن بہ موسيٰ جو توريت پڙهيو وڃي ٿو، تڏهن سندن دلين تي پردو پيل رهي ٿو.


پر انهيءَ لاءِ شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندا، بلڪ پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جا طالبو رهندا.“


جڏهن اوهين مصيبت ۾ گرفتار ٿيندا ۽ پوين ڏينهن ۾ جڏهن هي سڀ حادثا اوهان تي اچي پوندا، تڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ سندس فرمانبرداري ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ