2.ڪرنٿين 3:14 - Muslim Sindhi Bible14 پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 پر هنن جون دليون سخت ٿي ويون؛ ڇالاءِ جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو پيل ٿو رهي؛ جو پردو مسيح ۾ کڄي ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible14 پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي وچننامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament14 پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.